مٺي: مٺي ۾ ٿر ضلعي جي ليڊي هيلٿ ورڪرن 5 سالن کان پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف ڦانگاريو اسٽاپ وٽ ٿر ڪول ڏانهن ويندڙ بائي پاس روڊ تي ڪيترائي ڪلاڪ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ليڊي هيلٿ ورڪرن پريمان ڀيل، پروين، هدايت هنڱورجو، سڪينه ۽ ڪويتا جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارن ڌرڻو هڻي زبرست نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب ٿر ڪول ايريا سميت مختلف شھرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ رڪجي وئي. ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرن دانهيندي چيو ته اسان کي 2018ع ۾ صحت کاتي جي اختيارين ميرٽ تي ڀرتي ڪيو. اسان پوليو فيلڊ ۽ ڪرونا کان وٺي لاڳاپيل سينٽرن تي ڊيوٽيون ڪيون، اسان کي 5 سالن جون اڃان پگهارون نه مليون آھن ۽ نه وري پڪو ڪيو وڃي ٿو. هنن چيو ته سال 2018ع ۾ ٿر ضلعي جي 448 ليڊي هيلٿ ورڪرن کي آفر آرڊر ڏنا ويا، پر اهي پگهارن کان محروم آھن، جنهن سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي. اسان کي بار بار احتجاجن تي ڪوڙا دلاسا ڏئي دربدر ڪيو ويو آھي. هاڻ اڻ اعلانيل مدي تائين احتجاج جاري رکنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close