پاڪستانسنڌ

سن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي ريلي

سن: سن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف جي ايم سيد پليٽ فارم کان ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪري اسپتال جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن حميد ميمڻ، ممتاز ڇڇر، عمران سنڌي، غلام علي عمراڻي، نزاڪت علي شاهھ چيو ته هي وڏي وزير مراد علي شاھ جو تڪ آهي، پر پو به سن اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون ناھن، ڊاڪٽرن جي به کوٽ آهي، جڏهن ته حادثي جي زخمين کي علاج بدران ريفر ڪيو وڃي ٿو. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊي ايڇ او ڄامشورو ۽ ايم ايس کي ھٽائي اسپتال ۾ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن نه ته ٻي صورت انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button