ميهڙ: ڪراچي ۾ وڪيلن تي تشدد واري واقعي خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ميهڙ جي ڪورٽن ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن سبب سموريون عدالتي ڪاروهنوار معطل رهيو. جڏهن ته بار ايسوسيئيشن ميهڙ پاران وڪيل عبدالحليم ٻگهيو، وڪيل سعيد پنهور، وڪيل علي انور ساهڙ، وڪيل اعجاز چانڊيو، وڪيل شھزادو سوڍر، وڪيل اعظم خاصخيلي ۽ وڪيل زاهد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪورٽ احاطي کان مک گيٽ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ وڪيلن تي تشدد ڪريل حرڪت آھي، وڪيلن کي هيسايو پيو وڃي، ڪراچي ۾ وڪيلن تي تشدد ڪرڻ وارن مٿان ڪيس داخل ناهي ٿيو. هنن گهر ڪئي ته ڪراچي واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڪيلن تي تشدد ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close