سنڌ

تحريڪ انصاف جا وڏا رانديگر جيل ۾ هوندا:منظور وساڻ

سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ بلدياتي ۽ عام چونڊن بابت پنھنجي بيان ۾ اڳڪٿي ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي نه ٿينديون،مخالفن کي شڪست ملندي ۽ عام چونڊون 2023ع ۾ ٿينديون، مون کي لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جا وڏا رانديگر جيل ۾ هوندا ۽ اسان حڪومت ڪري رھيا ھونداسين. منظور وساڻ جو وڌيڪ چوڻ ھو ته عمران خان ملڪ کي سٺي نموني نه هلايو، زرعي ملڪ کي تباهه ڪري ويو، عمران جي حڪومت ۾ ڊالر مهانگو ٿيو، ماڻهن کي نه گهر مليا ۽ نه نوڪريون مليون، عمران خان احتساب جو جيڪو شوشو ڇڏيو هو، هاڻي پاڻ به ان ئي احتساب کان ڊڄي رهيو آهي. ھن چيو ته پي ٽي آءِ اها پارٽي آهي، جيڪا جلدي ٺهي ٿي ۽ جلدي ٽٽندي، جيڪا عمران خان جي2011ع ۾ پوزيشن هئي، ان تي واپس پيو وڃي، عمران ڪنهن به مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، ملڪ ۾ مهانگائي 2 سالن کان آهي، مهانگائي تي جلد ضابطو اچي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button