پاڪستان

وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. رپورٽ مطابق اتر وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ٻه دهشتگرد کي مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن ڪيو. ڪارروائي دوران فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻئي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. ڳجهي اطلاع تي ڪيل ڪارروائي ۾ مارجي ويل دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ ملوث هئا. ٻئي طرف بلوچستان ۾ نوشڪي ڀرسان پروڌ جبل جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بي آر اي سان تعلق رکندڙ 2 دهشتگرد نديم ۽ شهزاد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب اهي دهشتگرد خاران ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز تي آ اي ڊي نصب ڪرڻ جي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button