اسلام آبادپاڪستان

جرمن پرڏيهي وزير جي ڪرونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو به ڪورنٽائين ٿي ويو

اسلام آباد: پاڪستان جي دوري تي آيل جرمن پرڏيهي وزير انالينا بيئرفوڪ جي ڪرونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به آئسوليٽ ٿي ويو. جرمن پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان به ملاقات ڪئي هئي ۽ ڪرونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ هن پنهنجو پاڪستان جو دورو مختصر ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته هاڻي بلاول ڀٽو زرداري آئيسوليٽ ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري قرنطينا دوران پنهنجي رهائشگاهه تان سرڪاري ۽ سياسي معاملن سرانجام ڏيندو. بلاول ڀٽو زرداري ڪرونا وائرس جي تشخيص لاءِ پنهنجي ٽيسٽ ڪرائيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button