پاڪستانسنڌ

پنجاب پ پ جي سهڪار سان سنڌ جي ڦرلٽ ڪئي،وسيلا بچائڻ لا ميدان تي نڪرڻو پوندو/رسول بخش پليجي جي چوٿين ورسي،جنگشاهي ڀرسان جلسو

ٺٽو: عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي چوٿين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ طرفان سندس آخري آرامگاهه جنگشاهي ڀرسان ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو. سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن عالمي گاني تي پريڊ ڪري رسول بخش پليجي کي ڀيٽا پيش ڪئي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، سنڌ ۾ لکين غير ملڪين جي لوڌ آڻي سنڌين کان سندن ڌرتي ڦري سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي سازشن خلاف ۽ سنڌ جي قومي وسيلن جي مالڪي توڙي پورهيت عوام جي حق حڪمراني جي حاصلات لاءِ رسول بخش پليجي جي شروع ڪيل جدوجهد کي جاري رکڻ جو عزم کڻي ھزارين عورتن، ٻارن، مزدورن، هارين، شاگردن، اديبن، صحافين ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سندس آخري آرامگاهه تي پهچي کيس قومي ۽ انقلابي گيتن جي گونج سان سلامي ڏني. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته اڄ ھزارين ماڻهن گڏجي اهو ثابت ڪيو آهي ته رسول بخش پليجو سنڌ سميت ملڪ جو حقيقي اڳواڻ ۽ ليڊر هو. رسول بخش پليجي جي زندگي جو هڪ هڪ پل سنڌي قوم جي حقن سميت ملڪ توڙي سموري دنيا جي مظلوم عوام جي حقن جي جدوجهد ۾ گذاريو آهي. تازي صورتحال مان اهو صاف ظاهر آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ته مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو منصوبو سٽيو ويو آهي ۽ سنڌ دشمنن ۾ مک ڪردار پ پ جو آهي. سنڌ جا شهر، وسيلا ۽ زمينون ڀڳڙن مٺ ڌارين حوالي ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جا حڪمران پنهنجي تاريخي سنڌ دشمن ڪردار کي جاري رکيو پيا اچن. پنجاب جا حڪمران سنڌ جو پاڻي گذريل ڏيڍ سئو سالن کان چوري ڪندا رهيا آهن، جنهن خلاف رسول بخش پليجي تاريخي جدوجهدون هلايون، سنڌو درياء کي مڪمل طور تي سڪايو ويو آهي، جنهن ۾ پ پ پنجاب جي حڪمران جي ساٿاري آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو خطاب ڪندي چيو ته رسول بخش پليجي طوفاني زندگي گذاري، هن ون يونٽ جي قومي جدوجهد کان شروعات ڪئي، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو، صحافين جي جدوجهد، راهوڪي جي هاري ڪانفرنس، ايم آر ڊي جي جدوجه، سنڌ جي پاڻي ۽ ٻين وسيلن لاءِ لانگ مارچ ۽ عدليه سميت ڪيتريون ئي جدوجهدون ڪيون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جو پاڻي بند ڪري ۽ ڌارين جي ٻوڏ آڻي سنڌ جي وحدت تي خطرناڪ وار ڪيو ويو آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو ٻچو ٻچو مرد توڙي عورت سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اچي. اي اين پي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري يونس بينري چيو ته رسول بخش پليجو جيڪڏهن اقتدار ۾ نه اچي سگهيون ته اهو ان ڪري جو پليجي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو. رسول بخش پليجي پاڪستان جي سمورن مظلوم قومن بلوچ، پشتون، سرائيڪين جي حقن جي ڳالهھ ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button