سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان بچايو تحريڪ پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

پاڪستان بچايو تحريڪ لاڙڪاڻي پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ سنڌ اندر زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سجاد سومرو، شمن علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته موجوده حڪمرانن جي نااهل پاليسين سبب ملڪ اندر مهانگائي جو طوفان اٿي رهيو آهي، پيٽرول، بجلي، گئس سميت عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، حڪمران وري وڌيڪ قرض وٺڻ جي چڪر ۾ راڪيٽ جي اسپيڊ سان ڀڄي رهيا آهن. هنن چيو ته هن وقت سنڌ اندر زرعي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، پاڻي نه هجڻ ڪري سنڌ جي ڪئنال، شاخ ۽ واهن ۾ واري اڏامي رهي آهي، پاڻي کوٽ سبب هاري ۽ آبادگار سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور مهانگائي تي ضابطو آڻي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button