سنڌ

پير جو ڳوٺ ڀرسان حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لا مظاهرو

پير جو ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ محمد سومر ملاح جي عورتن ۽ مردن معصوم ٻارڙن سانگڏجي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لا مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي بنو ملاح، غلام اصغر عرف عاشق، شازيه، نادران ملاح ۽ ٻين چيو 2 ڏينهن اڳ عبدالحميد ملاح، حليم، سليم، قربان، ربنواز ملاح ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي شازيا ملاح ۽ نوجوان بنو ملاح کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. برادي جتوئي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس هنن خلاف ڪارروائي نه ڪئي آهي. هنن چيو ته بااثر ماڻهن اڳ ۾ به حملا ڪري نوجوان بنو ملاح کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪيو هو. هن وقت بااثر ماڻهن مان زندگين کي سخت خطرو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button