سنڌ

خانپورمهر ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ معصوم نينگر فوت

خانپورمهر ڀرسان ڳوٺ ڇتن مهر ۾ مٽي کڻي ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي معصوم ٻار مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 سال جو نينگر حامد پٽ عبدالحميد مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ وارثن ٻڌايو ته نينگر گهر ٻاهران گهٽي ۾ راند ڪري رهيو هو ته ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو. هنن چيو ته ڊرائيور جي غفلت سبب واقعو پيش آيو آهي. هنن ٻڌايو ته ڊرائيور بي ڌياني سان ٽريڪٽر هلائي رهيو هو، جنهن کي روڪيوسين پر ڊرائيور نينگر مٿان ٽريڪٽر چاڙهي کيس ماريو آهي. هوڏانهن ڳوٺاڻن ڊرائيور حبيب الله پٺاڻ کي سوگهو ڪري ورتو، جنهن بعد ڊرائيور کي پوليس حوالي ڪيو ويو. اطلاع تي پهتل خانپورمهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جيڪو ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. نينگر جي فوت ٿيڻ بعد گهر ۾ ڪهرام متل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button