سنڌ

لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن ملازمن جي ٽوڪن هڙتال، مک گيٽ اڳيان ڌرڻو

لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن محنت ڪش ليبر يونين جي سڏ تي ٻن سينيئر ملازمن ڪائونسل اسسٽنٽ عارف علي شيخ ۽ سينيئر ڪلارڪ صدر الدين ڀٽي کي ڪراچي رليو ڪرڻ واري عمل خلاف ٽوڪن هڙتال ڪري ميونسپل آفيس جي مُک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن غلام اصغر جتوئي، منور سانڊاڻو، شام لعل کرارا، قلندر بخش شاھاڻي، مکي گيانچند، اختيار علي ککراڻي، شفيق احمد کهاوڙ ۽ ٻين چيو ته اسان جي ٻن ملازمن کي غير قانوني طور ڪراچي سنڌ سيڪريٽريٽ رليو ڪيو ويو آھي جيڪي مقامي ڪائونسل جا ملازم آھن انھن کي ڪراچي رليو نٿو ڪري سگهجي. ٻن سالن کان فوتي ملازمن جي اولاد جا فوتي ڪوٽا تحت آرڊر سنڌ جي چيف سيڪريٽري کان آيل آھن جن جي ڊي آر سي پڻ ٿيل آھي جن کي به جوائننگ نٿي ڏني وڃي ۽ سينيئر ملازمن کي به پروموشن نٿو ڏنو وڃي. اسان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، جميل احمد سومرو، ايم پي اي سھيل انور سيال کي اپيل ٿا ڪريون ته احتجاج جو نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪرايا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button