سنڌ

ٽنڊوباگو جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

ٽنڊوباگو جي واهن ۾ ٽن مهينن کان پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگان ٽنڊوباگو-جهڏو روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. گذريل ٽن مھينن کان وٺي ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ نصير واهه ڊائون، ڏاڏاھه شاخ ۽ سلطاني واهه ڊائون جي پوڇڙي جي سوين آبادگارن رمضان ڪاڪيپوٽو، حاجي رسول بخش آرائين، خادم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو-جھڏو روڊ تي آرائين موري وٽ رڪاوٽون ڏيئي 7 ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو. جنهن ڪري روڊ تي ٽريفڪ بند ٿي وئي. آبادگارن موجب ٽن مهينن کان وٺي واھن ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري بيٺل فصل سڪي ويا آهن. ھزارين ايڪڙن تي ڦٽي جو فصل پوکي نه سگھيا آھيون. واھن ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري چئن يونين ڪائونسلن ڏيئي، ڏاڏاهه، جرڪس ۽ اوليا خان شاهه جي سوين ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. چوپايو مال ۽ جھنگلي جيوت اڃ وگهي مري رھيا آھن. ھنن مطالبو ڪيو فورن نصير واهه ڊائون، سلطاني واهه ڊائون ۽ ڏاڏاهه شاخ ۾ پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button