سنڌ

”تحفظ ڏنو وڃي“ گولاڙچي واسي جوڙي جو بدين ۾ احتجاج

گولاڙچي جي علائقي احمد راڄو واسڻ نوربانو خاصخيلي پنهنجي سئوٽ اشرف خاصخيلي سان بدين ۾ پسند جي شادي ڪرڻ بعد تحفظ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي نوربانو خاصخيلي دانهيندي چيو ته پنهنجي مرضي سان گهران نڪري سئوٽ اشرف سان شادي ڪئي آهي. پسند جي شادي ڪرڻ بعد مائٽ جان جا دشمن بڻجي ويا آهن ۽ اسان کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن ڪري پنهنجا گهر ڇڏي دربدر زندگي گهارڻ تي مجبور آهيون. هنن ڊي آ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪئي ته انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button