پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ بدامني خلاف سياسي سماجي ڌرين جو ها وي تي ڌرڻو، باهيون

ميھڙ: ميهڙ ۾ بدامني ۽ واپاري عبدالخالق ۽ سندس پٽ کي ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي شديد زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف واپارين، شھرين، مذھبي جماعتن ۽ قومپرست ڪارڪنن ثناءُالله چانڊيو، عبدالحميد چانڊيو، سڪندر سوڍر، حافظ منظور چانڊيو، عبدالمجيد، علي گل، پرويز چانڊيو ۽ ٻين انڊس ها وي تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي 7 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، انڊس ها وي تي ڌرڻي سبب ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ڌرڻي دوران انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. مظاھرين ۽ مسافرن ۾ چڪريون پڻ ٿيون. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميھڙ ۾ بدامني وڌي وئي آھي، سرعام واپاري کي گوليون ھڻي ھٿياربند آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا، پر پوليس ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري، جنهن سبب شهري عدم تحفظ جو شڪار آهن. جڏهن ته انڊس ھا وي تي لڳل ڌرڻي جو 7 ڪلاڪن بعد ايس ايس پي دادو عرفان سمون نوٽيس وٺندي ٻن ڊي ايس پيز ۽ هڪ ايس ايڇ او تي مشتمل 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن بعد ڊي ايس پي ڀنڊ ماڙي مشتاق چنو، ڊي ايس پي ميھڙ وحيد لاڙڪ ۽ ايس ايڇ او ڪي اين شاهه اڪبر چنا ڌرڻي واري هنڌ پھچي ڳالھيون ڪري 10 ڏينهن جي مهلت ورتي ۽ 10 ڏينهن ۾ جوابدارن جي گرفتاري جو يقين ڏياريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button