اسلام آبادپاڪستان

سينيٽ ڪميٽي ۾ شهباز گل جي زال باقيدار هجڻ تي گوڙ،ڏندچڪ

اسلام آباد :حريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي زال سرڪاري خرچ تي ٻاهرين ملڪ تعليم جي معاملي تي سينيٽ جي قائما ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آئي ميمبرن ۽ چيئرمين ڪميٽي افنان الله وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ ٻنهي طرفان هڪٻئي تي پئسا ڏئي سينيٽر بڻجڻ جا الزام مڙهيا ويا. صورتحال خراب ٿيڻ تي سارجنٽ ايٽ آرمز کي وچ ۾ پوڻو پيو. تفصيل مطابق اربع تي سينيٽر افنان الله جي صدارت هيٺ سينيٽ جي سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شهباز گل جي زال جي باقيدار هجڻ جو معاملو ايجنڊا آئٽم ۾ شامل ٿيڻ تي سخت گوڙ ٿيو. چيئرمين ڪميٽي افنان الله چيو ته شهباز گل جي زال کي ڪامسيٽس يونيورسٽي جا 2 لک ڊالر ڏيڻا آهن. اعزاز اسد رسول نه ڊگري مڪمل ڪئي نه رپورٽ جمع ڪرائي. يونيورسٽي جو فيصلو ضايع ٿيو کيس ايندڙ اجلاس ۾ گهرائي وٺون ٿا يا وڊيو تي آڻي وٺون ٿا. ان بيان کان پوءِ سينيٽر شبلي فراز ۽ سينيٽر افنان الله جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته چيئرمين ڪميٽي سياسي ٿي ويو آهي، سڀاڻي اسان به اوهان جي ليڊرشپ بابت ڪيس آڻڻ شروع ڪنداسين. ڪامسيٽس يونيورسٽي ٻڌائي اهڙا ڪيترا ڪيس آهن، اعزا اسد رسول جو معاملو سياسي ايجنڊا آهي. ڪنهن هڪ شخص خلاف سياسي بنيادن تي فيصلي جو معاملو اٿاريو پيو وڃي. سينيٽر افنان الله شبلي فراز کان سوال ڪيو ته اوهان ڪير آهيو ۽ اوهان کي سڃاڻي ڪير ٿو، جنهن تي هن جواب ڏنو ته مان شبلي فراز آهيان. سينيٽر افنان الله شبلي فراز کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پئسا ڏئي سينيٽر ٿيا آهيو، اوهان ڪرپشن جو دفاع ڪرڻ چاهيو ٿا. شبلي فراز جواب ڏيندي چيو ته سينيٽر افنان الله تون گاريون ڏئي سينيٽر ٿيو آهي، هن چيئرمين ڪميٽي کان ان جي بيانن تي معافي گهرڻ جو مطالبو ڪندي پي ٽي آئي جي سينيٽر فوزيا ارشد ۽ ڊاڪٽر همايون سان احتجاج ڪيو. پي ٽي آئي سينيٽرز چيو ته جيڪڏهن ڊفالٽرز جو ڪيس ٻڌڻو آهي ته سڀني جو ٻڌو. سينيٽر فوزيا ارشد چيو ته اوهان کي ڪورم کان ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. اوهان ڪميٽي چيئرمين بڻجڻ جي لائق نه آهيو. ڊاڪٽر همايون چيو ته ڇا جنهن خلاف ڪيس آهي، اهو ڪميٽي ۾ موجود آهي. ڪميٽي ڪنهن جي غير موجودگي ۾ معاملي کي نٿي ٻڌي سگهي. ڪنهن جي ذاتي معاملي کي ڊسڪس ناهي ڪيو. ڪميٽي چيئرمين چيو ته عوامي مفاد جو معاملو ڪميٽي ٻڌي سگهي ٿي، اوهان ڳالهه نٿا ٻڌڻ چاهيو ته اوهان ڪميٽي اجلاس جي صدارت ڪريو. ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان ماڻهو پٽي ڀائي جي ڪرپشن لڪائڻ چاهيو ٿا. ڪميٽي چيئرمين چيو ته اوهان کي عدالت ۾ ڇڪيندس. سينيٽر همايون مهمند چيو ته قيامت جي ڏينهن توکي نوازشريف نه بچائيندو جنهن تي ڪميٽي چيئرمين جواب ڏنو ته توکي به عمران خان نه بچائيندو. ان موقعي تي صورتحال وڌيڪ بگڙجڻ تي سارجن ايٽ آرمز کي مداخلت ڪرڻي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button