اسلام آبادپاڪستان

گيلاني سينيٽ چيئرمين اليڪشن سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي. تفصيل مطابق يوسف رضا گيلاني سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. اپيل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. داخل ٿيل درخواست ۾ چيو ويو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سنگل ۽ ڊويزن بئنچ جو فيصلو قانون ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي. هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ رولنگ فيصلي ۾ طئي پيراميٽرز جي ابتڙ آهي. درخواست گذار مطابق يوسف رضا گيلاني چيئرمين سينيٽ اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيا. جڏهن ته يوسف رضا گيلاني جي 7 ووٽن کي غلط رد ڪيو ويو. پرزائيڊنگ آفيسر بدنيتي سان 7 ووٽر رد ڪيا. اپيل ڪئي وئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button