
اسلام آباد :سپريم ڪورٽ آف پاڪستان شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف اپيل شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. ايڪسپريس نيوز موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي سينيئر جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف اپيل شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ 13 جون تي اپيل جي شنوائي ڪندي.
ياد رهي ته نومبر 2021 ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت ۾ ٿيل انرولمينٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شوڪت عزيز صديقي جو وڪيل طور لائسنس بحال ڪيو ويو هو.