سنڌ

ايران طرفان سنڌ جي زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو فيصلو

وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ سان ايران جي قونصل جنرل حسن نوريان وساڻ هائوس ڪراچي ۾ اربع واري ڏينھن ملاقات ڪئي، جنھن ۾ ايران جي قونصل جنرل حسن نوريان منظور وساڻ سان ٻه طرفي واپار ۽ زرعي سيڪٽر تي تعاون ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ايران پاران سنڌ کي ٽريڪٽر، ڪمبائنڊ هارويسٽر ۽ ٻي زرعي مشينري ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي. ان موقعي تي ايران جي قونصل جنرل حسن نوريان جو چوڻ ھو ته ايران سنڌ کي سيڊ، ڪولڊ اسٽوريج، هائبرڊ سيڊ ٻين ملڪن کان سستي قيمت تي ڏيڻ چاهي ٿو، ايران سنڌ ۾ زرعي سيڪٽر ۽ ٻين شعبن ۾ 25 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو. منظور وساڻ جو چوڻ ھو ته سنڌ جو ضلعو خيرپور لکين ٽن کجور پيدا ڪري ٿو، جيڪا ٻاهر به موڪلي وڃي ٿي، پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ حڪومت آبادگارن جي خواهش تي نئين زرعي ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائي رھي آھي، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد جو ڪيلو ايران کي وڏي تعداد ۾ ايڪسپو رٽ ڪيو وڃي ٿو. منظور وساڻ جو چوڻ ھو ته عمران خان جي دور ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڪٽ لڳايو ويو هو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي، سنڌ جو مطالبو آهي ته اسان کي آبي معاهدي تحت حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن زرعي سيڪٽر تباه ٿيڻ کان بچي سگهي، پاڻي کوٽ سبب سنڌ ۾ڪپھه جي پيداوارگھٽجي رھي آھي، سنڌ حڪومت زرعي شعبي تي توجهه ڏئي رھي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button