سنڌ

قمبر جو رهواسي ٻن مهينن کان گم، وارث سخت پريشان

قمبر جي علي خان محلي جو رهواسي نادر علي ٽوٽاڻي گذريل ٻن مهينن کان گم ٿي ويو، جنهن جي وارثن سندس پٽ ساجد علي ٽوٽاڻي ۽ غلام حيدر ٽوٽاڻي پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته نادر علي گذريل ٻن مهينن کان گم ٿي ويو آهي، هو ڪراچي کان قمبر پلاٽ کپائڻ آيو هو، ان ڏينهن کان گم آهي، جنهن جي ڪافي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿي به پتو نه پئجي سگهيو آهي. جڏهن ته اهڙو اطلاع سٽي ٿاڻي تي ڏنو آهي. هنن اختيارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي نادر علي جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button