پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ پ پ ۽ پي ٽي آ اميدوار سرگرم، ڪئمپ قائم

فريدآباد: فريدآباد ۾ پيپلزپارٽي جي طرفان جنرل ڪائونسلر وارڊ 3 تي نامزد اميدوار امجد علي گائئنچو گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ شهر جي معززين حمايت جو اعلان ڪيو. استاد مير گائئنچو، رانجھن جکراڻي، غلام محمد گائئنچو. محبت علي گائئنچو، معشوق علي گائئنچو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. ٻئي پاسي فريدآباد يوسي جي چيئرمين شپ ماڻڻ لا پ پ ۽ پي ٽي آ اميدوارن هڪ ٻئي جا ساٿي ٽوڙڻ لا جوڙ توڙ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڳوٺ موجھڙ جي رھواسين مختيار چانڊيو، محب علي چانڊيو، غلام سرور چانڊيو، ھمت علي چانڊيو ۽ ٻين اميدوار عبدالغفار ڏيرو جي رھائش تي پھچي پ پ کي الوداع ڪري پي ٽي آ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. پي ٽي آ اميدوار عبدالغفار ڏيرو ۽ شاعر ممتاز خاصخيلي جي اباڻي ڳوٺ الھڏنو تيوڻو واسين محمد خان خاصخيلي، طالب حسين خاصخيلي ۽ ٻين ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button