پاڪستانسنڌ

مهانگائي خلاف مختلف شهرن ۾ واپڊا هائيڊرو يونين جون ريليون

حيدرآباد: واپڊا هائيڊرو يونين جي سڏ تي پگهارن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون، مظاهرا. تفصيل موجب حيدرآباد ۾ مرڪزي صدر عبداللطيف نظاماڻي، صوبائي جنرل سيڪريٽري اقبال احمد خان، ملڪ سلطان علي، اعظم خان، ريحان اقبال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن ليبر هال کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ميهڙ ۾ پگهارن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف سيپڪو ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري حسين جتوئي، سعيد ڪلهوڙو، فهيم شيخ، ممتاز ٻرڙو، رفيق جتوئي، ممتاز ٿلهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. جڏهن ته دادو ۾ سيپڪو ڊويزن دادو جي چيئرمين الطاف احمد پلهھ، عبدالحميد جمالي، بخت رضا گوپانگ، عرس ميمڻ، محمد علي ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لطيف ليبر هال دادو کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. لاڙڪاڻي ۾ ريجنل چيئرمين نثار احمد شيخ، عبدالله سومرو، نظام ٻگهيو، رياض سانگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ پاور هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناع باغ چوڪ وٽ پهتي، جتي ملازمن ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ٺٽي ۾ وحيد رند، منور علي تارو، عبدالقيوم خاصخيلي، شير زمان سھتو، عبدالرحمان خقن ۽ امير علي کوسو جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس مڪلي کان قومي شاھراھه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ملازمن چيو ته حڪومت مزدور دشمن پاليسي تي لهي آئي آھي، واپڊا اختيارين ملازمن سان طئي ڪيل ۽ منظور ڪيل مطالبن تان ڦري وئي آھي، ملازمن کي ڪنوينس الائونس نه پيا ملن ۽ جبري بدليون ڪيون پيون وڃن. هنن گهر ڪئي آھي ته واپڊا ملازمن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button