پاڪستانسنڌ

مقتولا تانيا خاصخيلي جي ماءَ انصاف لا وڙهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو

نوابشاهه/سيوهڻ: سيوھڻ ڀرسان جھانگارا ۾ پنج سال اڳ وڏيري خانو نوھاڻي ھٿان بيدردي سان قتل ٿيل تانيا خاصخيلي جي خون سان پنج سال گذرڻ باوجود انصاف نه ٿيو، جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ مقتول تانيا خاصخيلي جي ڪيس جي پوئواري ڪندڙ سندس ماءَ خورشيد بيگم جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن کي نوابشاھه اسپتال آندو ويو، جتي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، جنهن بعد ڊاڪٽرن ڪراچي ريفر ڪيو، جتي خورشيد بيگم زندگي جي جنگ هارائي وئي. مقتولا تانيا خاصخيلي جي ماءَ جي فوتگي واري خبر پوڻ تي خاصخيلي برادري ۾ ڏک جي لھر ڇائنٔجي وئي، سندس مڙهھ کي ڪراچي مان نوابشاھه جي تاج ڪالوني آندو ويو، جتي پونئير مڙھه کي چنڀڙي زارو قطار روئئندا رھيا. ان حوالي سان تانيا خاصخيلي جي مامي خالد خاصخيلي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ خورشيد بيگم ڪورٽن ۾ پنهنجي نياڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لا وڏي جدوجهد ڪئٔي، پر افسوس پنجن سالن ۾ انصاف ته نه مليو، پر ويتر پاڻ فوت ٿي وئي، غريبن کي ھن ملڪ ۾ انصاف ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي، منهنجي ڀيڻ کي پنهنجي نياڻي تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث خانو نوحاڻي جي ڌر ھڪ ڪروڙ روپين جي آڇ ڪئي، پر ھن پئسا وٺڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لا عدالتن جا چڪر ڪاٽيندي رهي. ٻئي پاسي خورشيد بيگم جي نياڻي ناھيدا ٻڌايو ته ڪراچي جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن صحيح نموني چيڪ اپ نه ڪيو، جنهن سبب ماءَ فوت ٿي آهي. جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار علي خاصخيلي چيو ته خورشيد بيگم ھڪ دلير عورت ھئي، جنهن پنهنجي نياڻي تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرايون، اسان کي اميد آهي ته تانيا خاصخيلي جي خون سان انصاف ٿيندو. پاسبان ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻن الطاف شڪور ٻڌايو ته خورشيد بيگم جو موت سازش ٿي سگھي ٿي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اسين تانيا خاصخيلي قاتلن کي انجام تي ضرور پھچائينداسين. خورشيد بيگم جي جنازي نماز ۾ پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻن الطاف شڪور، رفيق احمد، راشد سھتو، خدابخش خاصخيلي، محمد شريف خاصخيلي، صحافي غلام سرور خاصخيلي، قربان خاصخيلي نادر خاصخيلي ۽ ٻين سياسي سماجي ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد مڙھه کي بيگناھه موري ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته تانيا خاصخيلي کي پنج سال اڳ خان محمد عرف خانو نوحاڻي، مولا بخش نوحاڻي ۽ عالي نوحاڻي رشتو نه ملڻ تي گھر ۾ گھڙي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ھو. تانيا خاصخيلي جي ٽيجھي کان سندس خاندان دربدري واري زندگي گذاريندو رھيو، ڪڏھن حيدرآباد ته ڪڏهن ڪراچي ۾ لڪي زندگي گذارڻ بعد آخر نوابشاهه خورشيد بيگم پنھنجي ڀاءُ سان زندگي گذاري. تانيا خاصخيلي جو قتل ڪيس فرسٽ ماڊل ڪورٽ ڄامشورو ۾ ھلندڙ آھي، عدالت ٻن جوابدارن مولا بخش نوحاڻي ۽ عالي نوحاڻي کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته مک جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي جي ضمانت رد ٿي هئي. 28 مئي تي ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ پوليس عملدار سڪندر ڪاڪيپوٽو ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي قرت العين ميمڻ جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جڏھن ته جاچ آفيسر سراج لاشاري ۽ اسپيشل برانچ جي آفيسرن جا بيان باقي رهيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button