سنڌ

رتيديري ويجهو عورت جو والدين سان گڏجي مڙس ۽ سس خلاف احتجاج

رتيدري ۾ عورت جو پي ۽ ما سان گڏجي مڙس خلاف احتجاج ڪيو. رتيديري ويجهو ڳوٺ لاشاري جي رهواسڻ بشريٰ زال نويد احمد شيخ پنهنجي ماءُ صدوران ۽ پيءُ مختيار شيخ سان گڏ احتجاج ڪندي دانهيو ته 15 مهينا اڳ شادي نويد شيخ سان ٿي، شادي بعد منهنجي مڙس مون کي بنگل ديرو ڳوٺ ۾ مسواڙي جڳهه ۾ رهايو جتي سس به مون سان گڏ رهندي هئي. هن چيو ته شادي جي ٿوري عرصي بعد سس جي چوڻ تي منهنجي مڙس مون مٿان تشدد ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن ته مهينو اڳ سس گلان شيخ منهنجي معصوم پٽ کي دوا وٺي ڏيڻ بهاني گھران کڻي هلي وئي جنهن جو اڄ تائين ڪو پتو پئجي نه سگھيو آهي. هن چيو ته منهنجو مڙس به گھران نڪري هليو ويو آهي جيڪو واپس ناهي آيو، ٻنهي ماءُ پٽ گڏجي منهنجي پٽ کي اغوا ڪيو آهي، هن وقت مان پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهان ٿي، مهيني کان وٺي معصوم پٽ جي ڳولا ڪري ٿڪجي پئي آهيان پر ڪٿان ڪو پتو نه ٿو پوي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button