لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ حاجي الھبخش هڪڙو جي رهواسين بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن نور محمد هڪڙو مائٽ اسلم هڪڙو ۽ سيد نواز علي شاهه سان گڏجي دانهيندي چيو ته آبپاشي کاتي ۾ خيرو ديرو ريگيوليٽر تي ٽنڊيل جي ڊيوٽي ڪندو آهيان.. هن الزام لڳايو ته منهنجي بااثر ڀاءُ غلام رسول هڪڙو، ماروٽ خادم هڪڙو ۽ پٽن منهنجي 2 جريب زمين ۽ ٻن گهرن تي 10 سالن کان وٺي قبضو ڪري مونکي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جڏهن ته هنن منهنجي نوڪري جا اصل ڪاغذات چورائي پنهنجي قبضي ۾ ڪيا آهن ۽ مونکي ريگيوليٽر تي ڊيوٽي ڪرڻ به نٿا ڏين، اهڙيون شڪايت علائقي جي معززين کي ڏيڻ سان گڏ ڊي آءِ جي آفيس ۽ ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻِي ۾ ڪيون آهن، پر تنهن باوجود هن وقت تائين ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر ڀاءُ غلام رسول هڪڙو، ماروٽ خادم هڪڙو ۽ پٽن خلاف ڪارروائي ڪري زمين، گهر مٿان قبضو ختم ڪرائڻ سان گڏ نوڪري جا ڪاغذ واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close