سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو مڙس ۽ سهري جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو جي پراڻي عيد گاهه قاضي پاڙي جي رهواسڻ شادي شده عورت گهرڀاتين سان گڏجي مڙس ۽ سهري جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت شبانه خاتون نوناري پنهنجي ڀاءُ نعمت الله نوناري، ڀيڻ ذليخان ۽ نياڻي ماروي سان گڏجي دانهيندي چيو ته 7 سال اڳ شادي سئوٽ خدا بخش عرف خدو نوناري سان ٿي. هن الزام لڳايو ته شادي بعد مڙس خدا بخش ۽ سهرو امير بخش نوناري روزانو بيگناهه تشدد ڪندا هئا. گذريل 5 مئي تي منهنجو والد وفات ڪري ويو، جنهن ڪري مان پنهنجي والدين جي گهر وئي هيس، جتي ڪجھه ڏينهن رهڻ بعد مڙس وٺڻ آيو، جنهن کي مان چيو ته منهنجو پي فوت ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ڪجهه ڏينهن اڃان مان هتي هوندس، جنهن تي مڙس ڏمرجي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد طلاق ڏئي زوري پٽ محبوب کي وٺي ويو. هن وقت مڙس ۽ سهرو موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان مون سميت منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي جان جو خطرو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مڙس ۽ سهري خلاف ڪارروائي ڪري پٽ کي واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button