جهول ٿاڻي جي حد شارڪي ۾ زميندار زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي زميندار انور علي شيخ، ساجن ٻٻر ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته گذريل رات چوڌري فضل ڪريم رنڌاوا گهرن تي چڙھائي ڪندي فائرنگ ڪئي ۽ اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون. چوڌري فضل ڪريم رنڌاوا خلاف اسان تر جي وڏيرن کي دانهون ڏنيون آھن ۽ وڏيرن فيصلا پڻ رکيا پر چوڌري فضل ڪريم رنڌاوا ڪنهن به وڏيرن جي فيصلي ۾ نٿو اچي ۽ اسان جهول ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر ايس ايڇ او جهول جي ڪن تي جون به نٿي چري. چوڌري اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي اسان جي زمينن جا مڪمل ڪاغذ به اسان وٽ موجود آھن پر چوڌري فضل ڪريم اسان کان اسان جي ٻچن جي روزي ڦرڻ چاهي ٿو ۽ اسان کي چوي ٿو ته توهان هتان لڏي وڃو ۽ جيڪڏهن توهان هن زمين ۾ پوکائي ڪندو ته انهي جا ذميوار اوهان پاڻ هوندو. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر زميندار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close