اسلام آباد :آءِ جي اسلام آباد تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ بابت ڪيس ۾ پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي.پوليس رپورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي لانگ مارچ واري ڏينهن ڊي چوڪ تي ٿيل بدنظمي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. اسلام آباد پوليس جي رپورٽ موجب عمران خان مظاهرو ڪندڙن کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿيا، جنهن دوران 700 کان 800 ريڊ زون ۾ داخل ٿيا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مظاهرو ڪندڙن جي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ دوران 21 شهري زخمي ٿيا، پوليس مظاهرين کي روڪڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن وٽ هٿيار ۽ هٿن ۾ ڏنڊا به هئا. وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وڊيو پيغام ۾ ڪارڪنن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو چيو. پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مظاهرين کي روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر مظاهرين ڪنٽينرز ۽ ٻيون رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عدالتي حڪمن تي رڪاوٽون هٽايون ته جيئن مظاهرين ايڇ نائين گرائونڊ پهچي سگهن. مظاهرين 25 ۽ 26 مئي جي وچ واري رات سموريون رنڊڪون ٽوڙي ريڊ زون ۾ داخل ٿيا. جڏهن ته پي ٽي آءِ مظاهرن جي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ تي ڪنهن به قسم جي طاقت جو استعمال نه ڪيو ويو. رپورٽ موجب فواد چوڌري، زرتاج گل، سيف الله نيازي ۽ عمران اسماعيل سميت ٻيا اڳواڻ ڪارڪنن کي ڀڙڪائيندا رهيا. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جو ڪوبه ڪارڪن ايڇ 9 گرائونڊ نه پهتو ۽ تحريڪ انصاف جو چيئرمين سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود ايڇ نائين گرائونڊ نه ويو. آءِ جي اسلام آباد رپورٽ سان گڏ پي ٽي آءِ اڳواڻن جون وڊيو ڪلپس ۽ ٽوئٽر پيغام جمع ڪرايا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close