اسلام آبادپاڪستان

بينظير تعليمي وظيفن جو دائرو هڪ ڪروڙ ٻارن تائين وڌائڻ جو اعلان

اسلام آباد : حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ مستحق شاگردن جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي بينظير تعليمي وظيفن واري پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ ٻارن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزير قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي چيو ته 9 ارب رپين سان 10 هزار شاگردن کي بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس ڏنيون وينديون. ان کانسواءِ هن چيو ته ايڇ اي سي لاءِ 104 ارب رپيا مختص ڪري رهيا آهيون. نوجوانن ۽ روزگار بابت ايندڙ مالي سال ۾ حڪومتي پاليسي بابت ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي تحت 20 لک کان وڌيڪ نوجوانن کي روزگار جا موقعا ڏنا ويندا. ان کانسواءِ گرين يوٿ موومينٽ شروع ڪنداسين، جنهن تحت هر ڪنهن کي قسطن تي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا. ناڻي واري وزير اعلان ڪيو ته ميرٽ تي مفت ليپ ٽاپ به ڏنا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button