خيرپور: ڪنب ڀرسان ڳوٺ پير جونگل شاهه جي رھواسين وحيد علي ڳاھو، زاھد علي ڳاھو، شاھل، حاڪمزادي ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته علائقي جي بااثر ديدار ڳاھو پنهنجي چئن ساٿين دلبند، دلدار، عنايت ۽ مشتاق ڳاھو کي ساڻ ڪري اسان مٿان حملو ڪري ڪھاڙين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لاهي ڏنو، جنهن سبب اسان جو نوجوان وحيد علي ڳاھو سخت زخمي ٿي پيو آهي، جوابدارن ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته فوري طور گھر ۽ زمين خالي ڪريو نه ته توهان کي ماري ڇڏينداسين. هنن وڌيڪ چيو ته اھڙي واقعي جي ايف آئي آر ڪنب ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر ڪنب پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي. ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته اسان پاڻ کي ايس ايس پي خيرپور آفيس اڳيان باهه ڏئي ساڙينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close