ڪڍڻ: ڪڍڻ پوليس شھر ۾ سول اسپتال ڪڍڻ روڊ تي سفينا پڙيون وڪرو ڪندڙ ٻن منشيات فروشن ياسين ملاح ۽ رمضان ملاح کي بدين کان ڪڍڻ طرف ايندي 11 پاڪيٽن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪندي منشيات ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
جن کي گذريل ڏينھن بدين جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪڍڻ انسپيڪٽر غلام قادر سرڪي ٻڌايو ايس پي بدين جي حڪم تي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي جاري آھي.