پاڪستانسنڌ

حيدرآباد جي اڪرم واهه ۾ ڪانڌين جي ٻيڙي اونڌي، اڳوڻو ڪائونسلر ٻڏي فوت

حيدرآباد: حيدرآباد جي اڪرم واهه ۾ جنازو گذارڻ دوران ڪانڌين جي ٻيڙي ٻڏي وئي، ٻيڙي ۾ سوار اڳوڻو ڪائونسلر ٻڏي فوت ٿي ويو. گهڻي ڳولا ٻاوجود لاش هٿ نه آيو. خبر موجب حيدرآباد ۾ هوسڙي ويجهو ڳوٺ محمد موسى شورو ڀرسان اڪرم واهه مان پل نه هجڻ ڪري فوت ٿيل عورت جو جنازو هٿرادو ٻورين جي ٺاهيل ٻيڙي تان گذرايو ويو.

جنهن بعد ڪانڌين کي ڪئنال پار ڪرايو پئي ويو ته هٿرادو ٻيڙي ۾ 5 ڄڻا سوار ٿيا ته ٻيڙي ٻڏي وئي، جنهن ۾ سوار اڳوڻو ڪائونسلر 38 ورهين جو عبدالله حفيظ ٻڏي فوت ٿي ويو، ٻين کي بچايو ويو. جڏهن ته گهڻي ڳولا باوجود فوتي جو لاش هٿ هٿ ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. فوتي هوسڙي ۾ اڳوڻو ڪائونسلر به رهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button