اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت امير طبقي جي غير پيداواري اثاثن تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سرڪاري شعبي ۾ ملازمن جي مالي ڏکيائين کي ڏسندي حڪومت انهن جي بنيادي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ۽ ايڊهاڪ الائونس کي ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪس سليبس تي نظرثاني ڪئي وئي آهي ۽ ساليانو 12 لک رپيا ڪمائيندڙ شهري ٽيڪس کان آجا هوندا. حڪومت امير طبقي جي غير پيداواري اثاثن تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻي ملڪيت جي خريداري تي 5 سيڪڙو ٽيڪس ۽ لگزري ڪارن تي به ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته مالي طور تي ڪمزور شهرين کي معاشي ڏکيائين کان بچائڻ جو مقصد رکون ٿا ته جيئن مالي طور تي مضبوط ماڻهو ٽيڪس جي مد ۾ قومي ناڻي ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن. وزيراعظم ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان ٽارگيٽڊ سبسڊيز لاءِ اربين رپيا رکيا آهن، اها رقم بي آءِ ايس پي لاءِ 344 ارب رپين کان وڌيڪ آهي ۽ اها سبسڊي رڳو حقدار ماڻهو حاصل ڪري سگهن ٿا.وزيراعظم چيو ته حڪومت سولر پينلز جي درآمد ۽ ورڇ تي ٽيڪس کي ٻڙي ڪري ڇڏيو آهي. زرعي سامان ۽ امپلانٽس جي درآمد تي زيرو ٽيڪس جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهو قدم اسان جي هارين ۽ زراعت جي شعبي کي ترقي لائق بڻائيندو. شهباز شريف چيو ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ فنڊن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ بينظير اسڪالر شپ پروگرام کي هڪ ڪروڙ شاگردن تائين وڌايو ويو آهي. ٻئي طرف سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو اهي ته نئين بجيٽ سان معاشي استحڪام ايندو، زرعي شعبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽيڪس زيرو ڪري ڇڏيا آهن. بجيٽ ۾ آئي ٽي شعبي لاءِ به مراعتون ۽ نوجوان طبقي جي فلاح لاءِ بجيٽ ۾ خاص قدم تجويز آهن. آئي ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود پگهاردار طبقي کي به رليف ڏنو ويو آهي. پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جي حد کي 6 لک مان وڌائي 12 لک ڪيو ويو آهي. فلم انڊسٽري لاءِ به ٽيڪس ڇوٽ هوندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته زراعت جي شعبي ۾ مراعتن سان نه رڳو زرعي شعبي کي هٿي ملندي پر پيداوار به وڌندي. مريم اورنگزيب چيو ته زرعي اوزارن تي زيرو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس هوندو. پاڪستان جي تاريخ ۾ زرعي شعبي کي اهڙي قسم سان ٽيڪس کان آجو اڳ ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي سوچ آهي ته معاشي استحڪام صرف زراعت جي ذريعي اچي سگهي ٿو. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ به تاريخي اعلان ڪيا ويا آهن. بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِخاص قدم تجويز ڪيا ويا آهن. مريم اورنگزيب چيو ته آئي ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود انڪم ٽيڪس جي حد 6 لک رپين مان وڌائي 12 لک رپيا ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته 12 لک رپين تائين آمدني وارن ماڻهن کي ڪنهن قسم جي ڪائي ٽيڪس نه ڏيڻي پوندي. هن چيو ته آرٽسٽن لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيڪل انشورنس متعارف ڪرائي وئي، فلم پروڊيوسرز لا مراعتون ڏنيون ويون آهن. وفاقي وزير چيو ته هڪ نااهل اڄ وڏي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته اسان شرح واڌ 5 سيڪڙو تي آڻينداسين. اسان اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا معاشي استحڪام آڻيندي. ان کان اڳ وفاقي ڪابينا نئين مالي سال لاءِ بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بجيٽ تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ فنانس بل 23-2022 جي منظوري ڏني. ڪابينا تجويزون منظور ڪندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني، گڏوگڏ ڪابينا سرڪاري ملازمن جو ايڊهاڪ الائونس بنيادي پگهار ۾ ضم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close