کپرو: کپرو لڳ غربت کان تنگ اچي پورهيت خودڪشي ڪري ڇڏي. هٿونگو جي ڳوٺ سهونجي واسي پورهيت ڀارمل پٽ ٻيجلو ڪولهي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. پاڙيوارن جو چوڻ آھي ته هاري پورهيت ڀارمل ڪولهي غربت ۽ وڌندڙ مهانگائي جي ڪري کاڌي پيتي جي شين لاءِ ڪافي ڏينهن کان پريشان هو، ان ڪري هن آپگهات ڪيو. هوڏانهن اطلاع تي پوليس پهچي وئي، جنهن فوتي جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي ايس ايڇ او محمد اسلم بلو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close