سنڌ

ڪچرو آبادين ۽ واهن ۾ اڇلائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

سنڌ سرڪار پاران اسپتالن ۽ صنعتن جو گند ڪچرو، رهائشي علائقن ۽ واهن ۾ اڇلائيندڙ وڏين مڇين خلاف سخت ڪارروائي ۽ نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ماحوليات واري وزير اسماعيل راھو کاتي جي اجلاس جي صدارت ڪندي وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس جي 110 هنڌن جي سروي ڪئي وئي آھي، ڪراچي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 250 رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو انتهائي خطرناڪ آهي. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري حسن اقبال، ڊي جي سيپا نعيم مغل ۽ ٻيا آفيسر پڻ شريڪ ھيا. اسماعيل راھو چيو ته ماحوليات کاتي سنڌ پاران پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳائڻ وارين صنعتن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، شوڪازبعد ٻئي مرحلي ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳائيندڙ صنعتن کي 30 ڏينهن بعد سيل ڪيو ويندو. ماحوليات واري وزير اسماعيل راهو پاران آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪارروائي جي رپورٽ ھر مهيني پيش ڪئي وڃي. صوبائي وزير جو چوڻ ھو ته ڀلي ڪير ماڻهو ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي، ماحولياتي آلودگي پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪراچي، حيدرآباد ۾ بيٽرين جا پراڻا ڪارخانا مڪمل طور تي بند ڪيا ويا آھن. اسماعيل راھو چيو ته آفيسر روڊن تي گشت ڪن، دونھون ڪڍندڙ گاڏيون خلاف ٽريفڪ پوليس جي سهڪار سان بند ڪيون وڃن، ڪچري کي ساڙڻ سان ڪيترائي ماحولياتي ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. ڊي جي سيپا نعيم مغل بريفنگ ڏيندي چيو ته چيو ته سنڌ ۾ صنعتن ۾ 200 ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا ويا آهن ۽ 50 وڌيڪ لڳايا پيا وڃن، 10 هزار صنعتن مان 4000 ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button