اسلام آبادپاڪستان

بجيٽ ۾ مجموعي طور 440 ارب رپين جا ٽيڪس،85 ارب جو رليف،355 ارب واڌو اوڳاڙيا ويندا

اسلام آباد (رپورٽ:ارشاد انصاري) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 2022ع جي وفاقي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 440 ارب رپين جا ٽيڪس اپاءَ ورتا آهن. جن مان ٽيڪس ادا ڪندڙن کي 85 ارب جو رليف ڏنو ويو آهي. 355 ارب رپيا اضافي ٽيڪس اوڳاڙيو ويندو. ان کان علاوه انتظامي قدمن ذريعي 200 ڪروڙ رپيا اضافي گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته موجوده مالي سال-23 2021ع دوران انتظامي قدمن مان 175 ارب رپيا اضافي گڏ ڪيا ويندا. ريزيڊنٽ پاڪستانين تي هڪ سيڪڙو ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان 8 ارب رپيا اضافي روينيو حاصل ٿيندو. ريزيڊنٽ پاڪستانين جي پرڏيهي اثاثن تي هڪ سيڪڙو ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن سان 10 ارب رپين جي اضافي آمدني ٿيندي. دستاويزن موجب ايف بي آر سڌي ريت ٽيڪس (انڪم ٽيڪس) جي مد ۾ مجموعي طور تي 316 ارب رپيا روينيو جي مد ۾ کنيا آهن، جنهن مان 49 ارب رپيا انڪم ٽيڪس جي مد ۾ عوام کي رليف ڏنو ويو آهي ۽ 267 ارب رپيا انڪم ٽيڪس اضافي ايندڙ سال گڏ ڪيا ويندا. اهڙي طرح فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ مجموعي طور تي 90 ارب رپيا روينيو جا قدم کنيا ويا آهن، جن ۾ 30 ارب رپين جو رليف ڏنو ويو آهي ۽ ان مان ٽيڪس ادا ڪندڙن کان 60 ارب رپيا اضافي گڏ ڪيا ويندا. دستاويز موجب ايندڙ سال ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ مجموعي طور تي 34 ارب رپيا روينيو قدم کنيا ويا آهن، جنهن مان عوام کي 6 ارب رپيا رليف ڏنو ويو آهي ۽ 28 ارب رپيا ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ اضافي گڏ ڪيا ويندا. بجيٽ ۾ ڊائيز جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح بتدريج 20 سيڪڙو، 16 سيڪڙو ۽ 11 سيڪڙو مان گهٽائي 16 سيڪڙو، 11 سيڪڙو ۽ ٻڙي ڪئي وئي آهي، جنهن سان ٽيڪس ڏيندڙن کي 2 ارب رپين جو رليف ملندو. اهڙي طرح پيڪيجز جي شعبي لاءِ ايلومينيم، پوليمر، ايٿيلين ۽ ٻين شين تي مشتمل 39 ٽيرف لائينز ۾ شامل ڪيترن ئي قسمن جي خام مال تي ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح 20 سيڪڙو، 16 سيڪڙو ۽ 11 سيڪڙو کان گهٽائي 16 سيڪڙو، 11 سيڪڙو ۽ 3 سيڪڙو ۽ زيرو سيڪڙو ڪيو ويو آهي، ان سان ٽيڪس ڏيندڙن کي 2 ارب رپين جو رليف ملندو. اهڙي طرح زرعي مشينري جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي جي ڇوٽ تي ٽيڪس ڏيندڙن کي 50 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو. پاڪستان ڪوٽنگ انڊسٽري ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ۾ رعايت ۽ رعايت ڏيڻ سان 20 ڪڙو رپين جو رليف ملندو. فارماساٽيڪل سيڪٽر تي خام مال جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي جي ڇوٽ سان ٽيڪس ڏيندڙن کي 25 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو. فلٽر ٺاهيندڙن کي ڪسٽم ڊيوٽي جي ڇوٽ سان 10 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو. ناشتي جي تياري ۽ کاڌي پيتي جي شين جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ فليورڊ پائوڊر جي درآمد تي ڊيوٽي کان ڇوٽ، واٽر ڪليننگ فلٽر سميت ٻين شين تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ اضافي ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ ڏني ويندي، ان سان ٽيڪس ڏيندڙن کي 2 ارب جو رليف ملندو. برش ويئر انڊسٽري لاءِ ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح 20 سيڪڙو کان گهٽائي زيرو ڪري ڇڏي، جوتا ٺاهڻ واري صنعت، پلائي ووڊ، وينيئر پينلز سميت ٻين هارڊويئر آئٽمز تي ڏنل رعايت سان ٽيڪس ڏيندڙن کي 20 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو. دستاويزن موجب ايف بي آر پيٽرول جي درآمد تي 10 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪري ان جي جاءِ تي 10 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لڳائي ڇڏي آهي، ان قدم سان ايف بي آر کي 30 ارب رپين جي اضافي آمدني ٿيندي. اهڙي طرح مصنوعي فيلامينٽ يارن، مونوفيلامينٽ ۽ اسٽيپل فائبر تي 10 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ ۽ ان جي بدلي 11 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 2 سيڪڙو اضافي ڪسٽم ڊيوٽي لڳائڻ سان 1.7 بلين رپين جي اضافي آمدني ٿيندي. تجارتي درآمد ڪندڙن لاءِ درآمدات تي ٽيڪس جي شرح 2 سيڪڙو مان وڌائي 4 سيڪڙو ڪرڻ سان 17 ارب رپين جي اضافي آمدني ٿيندي. مقامي طور تي تيار ٿيندڙ سگريٽن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي شرح وڌائڻ سان 10 ارب رپين جي اضافي آمدني ٿيندي. موبائيل فون ۽ ٽيليفون ڪالز، انٽرنيٽ ۽ ٻين ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي شرح 16 سيڪڙو مان وڌائي 1.5 سيڪڙو ڪرڻ سان هڪ ارب رپين جي اضافي آمدني ٿيندي. ڪلب ڪلاس، بزنس ڪلاس ۽ فرسٽ ڪلاس هوائي مسافرن کي 10 هزار رپيا في ايئر ٽڪيٽ مان 50 هزار رپيا في ايئر ٽڪيٽ تي 3 ارب رپيا اضافي آمدني ٿيندي. پگهاردار ملازمن جي ٽيڪس قابل آمدني جي حد 6 لک مان وڌائي 12 لک رپيا ڪرڻ سان ملازمن کي 47 ارب رپين جو رليف ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button