اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف خوش ناهي،وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا:وفاقي حڪومت

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ملڪ هن وقت ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، آءِ ايم ايف اسان مان خوش ناهي، حڪومت کي وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. اسان جو پهريون مقصد مالي استحڪام حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ کي عمران خان جي ڇڏيل رستي تان هٽائڻ آهي. ملڪ جا انتظامي معاملا ٺيڪ ٿيڻ گهرجن نه ته معيشت بحال به ٿيندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ سڌ سماءُ واري وزير، ناڻي واري مملڪتي عائشا غوث پاشا ۽ ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته اقتصادي ٽيم جو بجيٽ سازي ۾ ڀرپور محنت ۽ ڪردار تي سندن ٿورائتو آهيان. ناڻي واري وزير چيو ته ڇا سبب آهي ته اسان ڀارت ۽ بنگلاديش کان پوئتي رهجي ويا آهيون، جيڪي ماضي ۾ اسان کان اڳتي هئاسين، ان جو سبب رڳو بدانتظامي آهي. هن چيو ته سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي سبب سندن پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. پاڪستان هن وقت ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب جو ته اسان ڏکئي وقت ۾ بجيٽ پيش ڪئي آهي. 500 ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ ڏنو، 1100 ارب رپين جي بجلي جي مد ۾ سبسڊي ڏني. مطلب 16 رپيا في يونٽ بجلي تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ماضي ۾ ايترو ڏکيو معاشي وقت ناهي ڏٺو جيترو اڄ ڏسي رهيو آهيان. وفاقي وزير چيو ته گئس ۾ 1400 ارب رپين جو سرڪلر ڊيبٽ ڪري ڇڏيو، 20 ڊالر جي ايل اين جي گهرائي 2 ڊالر ۾ وڪرو ڪري نقصان ڪيو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ڪنهن جي فيڪٽري کي بند نه ڪنداسين، جيڪڏهن اڳوڻي حڪومت ڪنهن سان سستي گئس فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي ته اسان کين گئس ڏينداسين. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته ملڪ کي انتظامي حوالي سان ٺيڪ ڪرڻو آهي، جيڪڏهن سريلنڪا جهڙيون حالتون ٿيون ته ماڻهو معاف نه ڪندا. ملڪ کي سريلنڪا جي حالتن تائين پهچڻ کان بچائڻ ۽ ٻيون ٽارگيٽ غريب عوام کي رليف ڏيڻ آهي.وفاقي وزير جو چوڻ هو ته مالياتي پاليسي ۾ ڪجهه سختي ايندي، اسان ملڪي وسيلن جو پنج سيڪڙو به استعمال نه پيا ڪري سگهون. واپارين لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم آندي آهي. پريس ڪانفرنس دوران ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد چيو ته 25 لک واپارين کي ان اسڪيم ۾ شامل ڪنداسين. ناڻي واري مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو ته مشڪل فيصلن جو مقصد ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ آهي. ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ ۾ گهٽ اثر پون، پٺتي پيل طبقي جي سوشل سيفٽي نيٽ پروگرام لاءِ فنڊز وڌايا آهن. زرعي شعبي کي مراعاتون ڏنيون آهن، ان جو به بنيادي مقصد مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي ته جيئن مقامي سطح تي شيون پيدا ڪري سگهجن. ناڻي واري وزير صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته 25 لک دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪنداسين، دڪاندارن تي معمولي ٽيڪس لاڳو ڪري رهيا آهيون، جيڪي شيون رهجي ويون آهن، اهي بجيٽ ۾ شامل ڪنداسين، بجيٽ ۾ ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ڪجهه ننڍيون تبديليون ٿينديون. ناڻي واري وزير چيو ته لڳي نٿو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جو قيمتون گهٽ ٿينديون، پي ڊي ايل جو ٽيڪس لڳندو ته مهانگائي ۾ واڌارو ايندو. پيٽرول مهانگو ٿيندو ته پئسا قوم تي ئي خرچ ٿيندا. فوج جي بجيٽ به لکت ۾ موجود آهي، ڪا شيءَ ناهي لڪائي. ڪوشش ڪيون پيا ته قوم جو حصو ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ ۾ استعمال ڪيون. مفتاح اسماعيل چيو ته ڪمپنين کي خانگائڻ ڏانهن وٺي وڃڻ وزيراعظم جو عزم آهي. نجڪاري ڪميشن طرفان جن ڪمپينن کي ريڊي فار سيل رکيو ويو اهو ڪم مڪمل ٿيندو. ميڊيا کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته هاڻي انتظامي صورتحال تي قابو پائينداسين، مان ميڊيا کي به گذارش ڪريان ٿو ته هڪ ڳالهه تي نه هلو، جيڪڏهن اسان ڏکيا فيصلا ڪريون ٿا، جيڪڏهن پيٽرول مهانگو ڪيو وڃي ٿو، ته اهو پئسو اسان گهر نه ٿا کڻي وڃون پر قومي خزاني ۾ جمع ڪرايون ٿا. مفتاح اسماعيل چيو ته ٻارڻ تي سبسڊي ڏيڻ هاڻي ڪو آپشن ناهي رهيو، ان سان وياج جي شرح ۽ مهانگائي وڌي ويندي جنهن سان قرض وٺڻ مشڪل ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button