ڄامشورو: ڄامشورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ڀريا وليج، غريب آباد، سينڊوز روڊ، سيواڻي محلي، بسم الله ٽائون، مدينا نگر، سيدآباد ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل هڪ مهيني کان پيئڻ جي شديد کوٽ ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٽينڪر مافيا پڻ پاڻي جي ٽينڪرن جا اگهه ٽيڻ تي وڌائي ڇڏيا، جنهن خلاف شھرين ۽ ساڃاھه وند ڌرين طرفان ديدار احمد ڀلائي، فقير حق نواز برهماڻي، دلمراد بلوچ، دانش منظور ٿهيم، علي حسن سنجراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاھي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو ۽ پاڻي کوٽ خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو جي ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ جي نااھلي سبب عوام پاڻي ڍڪ لا پريشان آهي، گذريل ھڪ مهيني کان شھر جو پاڻي بند پيل آھي، واٽرسپلا مشين جو صرف ھڪ موٽر ھلي رھيو آهي، جنهن مان به مخصوص ماڻھن کي سرڪاري ٽينڪر ذريعي پاڻي فراھم ڪيو پيو وڃي، رهواسي پاڻي ڀرڻ لا يونيورسٽين جو رخ ڪن ٿا، جتان يونيورسٽين جا گارڊ غريب ماڻهن کي دڙڪا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا. هنن چيو ته ڄامشورو جي رهواسين کي پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ جا ذميوار ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ، ڊي سي ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ ۽ پبلڪ ھيلٿ جا عملدار آهن، جيڪي شهر جو پاڻي بند ڪري سياسي وڏيرن جي ونگار پيا وهن ته جيئن ماڻهو پاڻي لا سياسي وڏيرن جي در تائين وڃن ۽ وڏيرن کي بلدياتي اليڪشن ۾ فائدو ملي. هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته ڄامشورو ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي ڄامشورو ٽائون جي نااھل ۽ ڪرپٽ ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ کي ھٽايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close