چيلهار: چيلهار ويجهو ڳوٺ جنجهير جي 22 ورهين جي نوجوان گوپال پٽ ڏونگرو گرڙو مهراج ڳوٺ ويجهو پراڻي کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کوهه مان ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال مٺي منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي مائٽن جو چوڻ آهي ته دماغي توازن درست نه هجڻ ڪري هن انتهائي قدم کنيو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ بعد ئي ڪجهھ ٻڌائي سگهجي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close