اسلام آباد : پاڪستان پيپلزپارٽي افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي جي روشني جي سلسلي ۾ معاملي کي پارليامينٽ ۾ اٿارڻ لاءِ ٻين سياسي پارٽين کي شامل ڪرڻ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان حوالي سان فرحت الله بابر پاران جاري ڪيل بيان مطابق پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڇنڇر تي ٿيندڙ پارٽي اجلاس جي تسلسل ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي جو معاملو، خاص ڪري افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ جنهن ۾ تحريڪ طالبان افغانستان (ٽي ٽي اي) ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي شامل آهن، ان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان معاملي کي پارليامينٽ ۾ اٿارڻ لاءِ ٻين سياسي پارٽين کي شامل ڪرڻ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ قمر زمان ڪائرا، شيري رحمان ۽ فرحت الله بابر شامل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close