پاڪستان

ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف جا هڪ ٻئي تي وڌيڪ قرض وٺڻ جا الزام

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف طرفان معاشي ڪارڪردگي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جي حوالي سان هڪٻئي تي لفظي گوليباري جاري آهي. سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٽوئيٽر تي اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي نيوز پئڪيج جي وڊيو شيئر ڪئي. ان وڊيو ڪلپ ۾ شوڪت ترين جي گذريل ڏينهن جي پريس ڪانفرنس ڏيکاري وئي آهي، جنهن ۾ هن چيو ته حڪومت چئي ٿي ته پاڪستان ٺهڻ کان هيل تائين قرضن جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ 80 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي 4 سالن ۾ قرضن ۾ 80 سيڪڙو نه پر 76 سيڪڙو واڌ ٿي. مريم اورنگزيب انهن بيانن جو حوالو ڏيندي چيو ته شوڪت ترين صاحب نيٺ اعتراف ڪري ورتو ته عمران صاحب 4 سالن جي حڪومت ۾ 20 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، جيڪو تاريخ ۾ ورتل مجموعي قرض جو 76 سيڪڙو آهي، اهڙا ڪيترائي اعتراف اڃا عمران صاحب کي ڪرڻا آهن.تحريڪ انصاف جي فواد چوڌري، مريم اورنگزيب کي جواب ڏيندي چيو ته جڏهن توهان هر وقت “ڪينڊي ڪرش” ئي کيڏندا رهندئو ته اهڙي قسم جي احمقاڻي گفتگو ڪندئو،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button