سنڌ

پلاسٽڪ ٿيلهيون گٽر نالا چوڪ ٿيڻ جو وڏو سبب آهن:مرتضيٰ وهاب

ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پلاسٽڪ جون ٿيلهيون برساتي نالن جي چوڪ ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب آهن. ٻن ڏينهن بعد ِ15 جون کان پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي مڪمل پابندي لڳائي ويندي. شهري ان حوالي سان ڪي ايم سي جو ساٿ ڏين. مون سون جي برساتن کان اڳ شهر جي سمورن ننڍن وڏن نالن جي صفائي جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار آچر ڏينهن مڇر ڪالوني ضلعي ڪيماڙي ۾ نالن جي صفائي جي ڪم جو جائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب مڇر ڪالوني ۾ نالي جي صفائي جي ڪم جو جائزو ورتو. هن چيو ته صفائي جو هي ڪم ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ تحت ڪراچي اٺاويهن نالن تي ڪم هلندڙ آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ماضي ۾ هن جاءِ تي ڪوئي اچڻ پسند نه ڪندو هو، اڄ آچر ڏينهن تي به نالن جي صفائي جو ڪم جاري آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته مون سون برساتن کان اڳ نالن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي. نالن ۾ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ سان گڏجي وڏي پيماني تي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ڦاٿل آهن، جيڪي نالن جي چوڪ ٿيڻ جو وڏو سبب آهن، شهري اسان سان سهڪار ڪن، شهرين جو تعاون جي انتهائي ضروري آهي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته برساتن دوران شهرين کي مشڪلات پيش نه اچي، 15 جون کان پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي مڪمل پابندي لڳائي ويندي، شهري پلاسٽڪ جي ٿيلهين کي استعمال نه ڪري ڪي ايم سي جو ساٿ ڏين. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته نالن جي چوڪ ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب پلاسٽڪ جون ٿيلهيون آهن. شهري راشن وغيره جي لاءِ ڪپڙي جا ٿيلها استعمال ڪن، توهان کي بهتر شهري ٿيڻ جو ثبوت ڏيڻو آهي ته جيئن مسئلن کان نجات حاصل ڪري سگهون. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب ڪينپ کان مڇي چوڪ تائين ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪيو ۽ ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڪينپ کان مڇلي چوڪ تائين روڊن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم هلندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button