سنڌ

15 سال حڪومت ڪندڙن تباهي سوائي ڪجهه ناهي ڏنو:صفدر عباسي

جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي قمبر تعلقي جي ڳوٺ مهي مڪول جو دورو ڪيو. جتي جي ڊي اي اڳواڻن غلام رسول مڪول، اصعر مڪول ۽ ٻين سندس جو استقبال ڪيو. ڊاڪٽر صفدر عباسي چونڊن جي حوالي سان جي ڊي اي اڳواڻن سان ملاقات ڪري اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي اڪثر تڪن جي دوري دوران عوام طرفان جي ڊي اي جي اميدوارن جي ڀرپور حمايت تي عوام جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته عوام ڄاڻي چڪي آهي ته 15 سال حڪومت ڪندڙ اڳ به سنڌ ۾ 10 سال حڪومت ڪئي پر انهن تباهي کانسوا ڪجهه به نه ڏنو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪريل حرڪتن تي لهي آهي پر ان باوجود جي ڊي آءِ جا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا. هن چيو ته پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري غريب عوام سان گڏ ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته سياست ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر پاڪستان ۽ عوام جي مفادن واري سياست بهتر آهي جنهن سان عوام کي رليف ملي ۽ انهن جا اهنج دور ٿين. ان کان اڳ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ڳوٺ سارنگ کهاوڙ، سوايا ڦل ۽ لالڻ چاچڙ ۾ مختلف برادرين جي معززن سان تعزيت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button