ٽنڊو محمد خان جي علائقي احمد شير ڪالوني نيو سبزي منڊي تلا جي رهواسين گهر خالي ڪرائڻ خلاف مردن ۽ عورتن احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اعجاز ملاح، مارو ٺاڪور، هوشو شيدي، جاويد نوتيار ۽ صحافين کي ٻڌايو ته اسان 25 سالن کان رهون ٿا، اسان غريب مسڪين پورهيت آهيون، هاڻ اسان کي هتان اٿارڻ لا حراسان ڪيو پيو وڃي. هنن ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close