جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو رتوديرو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منظم طريقي سان اها سازش ڪئي وئي آهي ته سنڌو درياءَ جي ناڪابندي ڪري سنڌ ۽ سنڌين جو معاشي ۽ ماحولياتي قتل عام ڪرڻ پنجاب پنهنجي ڀيانڪ انداز سان شروع ڪيو آهي. هن چيو ته چشما جھلم لنڪ ڪئنال 24 ڪلاڪ سالون سال وهي ٿو جنهن جي وهڻ جي اجازت ناهي 1947 ع ۾ پنجاب جي زرعي پيداوار سنڌ کان گھٽ هئي اسان وٽ هڪڙو سکر بئراج هو پر ان هوندي به اسان جي معاشي صورتحال پنجاب کان بهتر هئي. هن چيو ته 1960ع تائين پنجاب جون معاشي حالتون بربادي جهڙيون هيون پر اڄ پنجاب جنهن وٽ پنهنجا درياءَ ناهن، گئس ۽ ڪوئلي جا ذريعا نه آهن جنهن وٽ پنهنجو سمنڊ ناهي، اهو پنجاب ملڪ جو خوشحال صوبو بڻيل آهي پر جيڪا سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ان سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي ۾ گذاري رهيا آهن، روزگار نه هجڻ سبب نوجوان خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ٻاهران کان ماڻهو آڻي انهن کي سنڌ ۾ روزگار ڏنو وڃي ٿو پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند آهن. رتوديرو تعلقي ۾ ايڊز خطرناڪ حد تائين ٿي وئي آهي پر پوءِ به ان جي روڪٿام لاءِ اپاءَ نٿا ورتا وڃن، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين کيڙي پئي آهي پر پاڻي ڪونهي جو پوک ٿئي سنڌ کي آئين موجب پاڻي ڏنو وڃي هن چيو ته غداري جا ڪيس اسان مٿان نه پر سنڌ جو پيسو هڙپ ڪندڙن مٿان داخل ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان 26 جون تي جيڪو پنجاب جا رستا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، اهو بلدياتي چونڊن سبب ملتوي ڪيو آهي، هاڻي 3 جولاءِ تي سنڌ جي حقن لاءِ حيدرآباد ۾ ڌرڻو هڻي پنجاب ويندڙ روڊ رستا بند ڪنداسين، جنهن ۾ عوام کي ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل آهي. ان موقعي تي هن سان گڏ جسم جا مرڪزي اڳواڻ عبدالغفار ميرجت، پنهل جمالي، اسد الله سومرو، اياز بليدي، علام پناه ابڙو، ديشي ميراڻي، نعمان چنو ۽ ٻيا گڏ هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close