ڪراچي: سنڌ جي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ سان ترڪش ڪمپني البيارڪ جي ڊائريڪٽر جميل شن اوجاڪ ملاقات ڪئي آهي. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ترڪش ڪمپني کي ڪراچي ۾ بسون آڻڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ترڪش ڪمپني جي ڊائريڪٽر سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن شهر آهي، جتي ڪاروبار جا بهترين موقعا موجود آهن، ٽرانسپورٽ کاتي شهر ۾ 7 هزار کان وڌيڪ بسون آڻڻ جي رٿابندي ڪئي آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ ريڊلائن، اورينج لائن، پيپلز بس سروس ۽ ييلو لائن هيٺ جديد بي آر ٽي سسٽم جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ترڪش ڪمپني جي ڊائريڪٽر کي ڌاٻيجي فري اڪنامڪ زون ۾ مينيوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي پڻ دعوت ڏني. هن چيو ته ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ مينيوفيڪچرنگ پلانٽ جي مشينري آڻڻ تي ڪو ٽيڪس ناهي ۽ 10 سالن تائين ڪو ٽيڪس نه لڳندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ترڪش ڪمپني سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سميت ٻين آپشنز تي ڪم ڪرڻ لا تيار آهي، سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سبسڊي ڏيڻ لا به تيار آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا بهترين لاڳاپا آهن، اسين چاهيون ٿا ته ترڪش ڪمپنيون سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪن، ترڪي جي دوري دوران منهنجي ترڪي جي نائب وزير ٽرانسپورٽ سان ملاقات ٿي آهي، هن کي به سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني هئي. ڊائريڪٽر البيارڪ گروپ جميل شن اوجاڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ تي اسان کي فخر آهي، اسان جي ڪمپني لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ميٽرو بس هلائي رهي آهي، اسين چاهينداسين ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ به ڪم ڪريون.