صوفي فقير: ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين ٺهندڙ روڊ جي تعمير جو ڪم رولڙي جو شڪار هجڻ خلاف راجار ستي اسٽاپ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. روڊ ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪڍيل ريلي ۾ شريڪ ماڻهن اڪبر پلي، ميهار بنگلاڻي، گُل حسن، پلي، غريب اتحاد چيئرمين گھمن سنگھه مانجھي راڻا، اشرف پلي، عاشق، راڄڙ، مير پلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري لاڳاپيل عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي. هنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل 6 مهينن کان روڊ جي تعمير اڌ ۾ رڪيل آهي، جنهن سبب هزارين علائقي واسي ۽ عام مسافر سخت متاثر آهي. ڀاڄوڪڙ ٺيڪيدار کي روڊ جو رهيل ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي. ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي رقم هڙپ ڪري رهواسين سان ناانصافي ڪئي آهي، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي روڊ جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي. ريلي ۾ ڳوٺ ڳموري کان بلدياتي اميدوار فقير محمد پلي سميت لقمان راڄڙ، عبد الله سميجو، هدايت الله پلي ۽ ٻين تي مشتمل قافلو شامل ٿيو. جنهن بعد اها ريلي عمرڪوٽ پريس ڪلب پهتي، جتي ميونسپل اميدوار حاجي ساند سميت گل بجير، ڀليڏنو راڄڙ، شير محمد پلي ۽ گُل منير ولهاري جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن ۽ عام شهري اڳ ئي شريڪ هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close