پاڪستان

والدين ملاقات دوران گهر هلڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا: دعا زهرا

لاهور: ڪراچي مان لاهور وڃي پسند پرڻو ڪندڙ دعا زهرا ماءُ سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيندڙ ملاقات جو قصو ٻڌائي ڇڏيو. مڙس ظهير احمد سان گڏ پهرئين انٽرويو ۾ دعا زهرا چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ماءُ کي اهو نه چيو ته مان توهان سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي، ماءُ جج سان ڪوڙ ڳالهايو. سندس موجب والدين ملاقات دوران چوندا رهيا ته جج کي چئو اسان سان گڏ وڃڻ چاهين ٿي پر مان انهن کي چيو ته ائين نٿي چاهيان، مون ماءُ کي چيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ٺاهه ڪيو پر ماءُ چيو ته اسان اهڙو ڪجهه نه ڪنداسين، بس تون جج کي اهو چئو جيڪو اسان چئي رهيا آهيون، جنهن تي مون انڪار ڪري ڇڏيو پر والدين جج سان ڪوڙ ڳالهايو ته مان انهن سان وڃڻ چاهيو. هن والدين کي درخواست ڪئي ته اسان شادي اسلام موجب ڪئي آهي، مڃان ٿي مون کان غلطي ٿي، جنهن تي معافي گهران ٿي پر درخواست ڪيان ٿي ته والدين دل وڏي ڪري مون کي ۽ ظهير کي قبول ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button