پاڪستانسنڌ

ايس ايس ٽي جو شاگرد دشمن پاليسن خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان

حيدرآباد: سنڌي شاگرد تحريڪ شاگرد دشمن پاليسن خلاف ٻن مهينن تي ٻڌل احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن عاطف ملاح، ڪبير ڀيل، غلام علي زنئور ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ھن وقت مالي طور سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي خاموشي سان مڪمل تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي، جيڪا تباھي اڳ جي ڀيٽ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڀيانڪ آھي. هنن چيو ته مھانگائي، ڳاٽي ٽوڙ فيسن، ميرٽ جي لتاڙ، شاگردياڻين ۽ شاگردن کي حراسان ڪري خودڪشين تي مجبورڪرڻ، تعليمي ادارن ۾ قتل عام ڪرائڻ، سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن اندر گنجائش کان وڌيڪ داخلائون، ھاسٽلن جي کوٽ، سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سھولتن جي کوٽ، ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن کي داخلائون نہ ڏيڻ، ڪراچي جي تعليمي ادارن اندر ڪي ايس پي پاليسي، شاگرد يونين جي بل پاس ٿيڻ باوجود تعليمي ادارن ۾ عملي طور شاگرد يونين جي بحالي نه ڪرڻ ۽ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ اسپيشل سيلف فنانس جھڙن مسئلن کي سنڌ جا شاگرد ھن وقت منھن ڏئي رھيا آھن.

هنن چيو ته ھلندڙ سال جي وفاقي بجيٽ ۾ اعليٰ تعليم جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ۽ حڪمرانن جي ڪرپشن سبب يونيورسٽيون معاشي ڏيوالي جو شڪار آھن. گذريل سالن جو رڪارڊ کڻي ڏسجي ته ملڪ جي ٻين يونيورسٽين لاءِ ته بيل آئوٽ پيڪيج جاري ٿيا ھوندا پر تقريبن ٻن سالن جي عرصي جي رڪارڊ ۾ سنڌ يونيورسٽي لاءِ ڪنھن بہ بيل آئوٽ پيڪيج جو اعلان نہ ڪيو ويو آھي. هنن چيو ته تعليم ۽ شاگرد دشمن منصوبن خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان شروعاتي طور جون ۽ جولاءِ جي ٻن مھينن ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button