پاڪستانسنڌ

شانگلا واسي جي جعلي ڊوميسائل بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي عدالت ۾ جعلي ڊوميسائيل ٺاهرائي نوڪري حاصل ڪندڙ شانگلا واسي واسي اسرار پٺاڻ واري معامري تي ٻڌڻي ٿي گذري، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ يونين ڪائونسل منظور آباد جو سيڪريٽري حفيظ راڄڙ، ڪلارڪ سليمان شاهه ۽ ڊي سي آفيس جو ڪلارڪ حميد هڱورو عدالت ۾ رڪارڊ سميت پيش ٿيا. عدالت درخواست جو فيصلو اڄ تائين محفوظ ڪري ورتو. يونين ڪائونسل منظور آباد ۾ سوات واسي اسرار پٺاڻ کي جعلي ڊوميسائل ۽ پيدائشي سرٽفيڪٽ ٺاهي ڏيڻ واري معامري بابت ايڊووڪيٽ فهيم احمد انڙ ڊي سي ڄامشورو، يونين ڪائونسل منظور آباد جي سيڪريٽري ۽ ڪلارڪ خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لا عدالت ۾ درخواست ڏني هئي، جنهن جي ٻڌڻي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ٿي گذري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button