سنڌ

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو بل منظور،چيئرمين گورنر مقرر ڪندو

سنڌ اسيمبلي ۾ سومر تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بل منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي موقعي تي پي ٽي آئي پاران زبردست گوڙ ڪيو ويو، ميمبرن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيرو ڪري ورتو. ان موقعي تي ايوان ۾ امپورٽيڊ حڪومت نامنظور جانعرا لڳندا رهيا، پي ٽي ائي ميمبرن ايوان مان احتجاجن واڪ آئوٽ به ڪيو. ان موقعي تي جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن انهن جو ساٿ نه ڏنو ۽ ٻنهي پارٽين جا ميمبر ايوان ۾ موجود رهيا. سومر تي سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي دوران جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بل ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ته تحريڪ انصاف جي ميمربن پاران ايوان ۾ سخت گوڙ شروع ڪيو ويو اطلاعات وزير شرجيل انعام ميمڻ بل بابت ايوان کي ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بل ۾ ڪجهه تبديليون آنديون ويون آهن. هن ٻڌايو ته 1989 جي قانون ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي تبديليون آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين هاڻي سنڌ جو گورنر مقرر ڪندو ۽ ان ڏس ۾ وڏي وزير سان صلاح مشورا ٿيندا، قانون تحت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا 10 ميمبر هوندا، ان ۾ مينارٽي جي هڪ عورت ميمبر به هوندي. هن چيو ته اڄ جيڪو بل پاس ٿيندو، اهو اهم آهي جيڪي پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيڻ جا خواهشمند هئا، انهن لاءِ روزگار جا دروازا کولينداسين، ان موقعي تي جي ڊي اي جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بل اهم آهي. هن بل جو تعارف به اڄ ٿيو آهي ۽ پاس به اڄ ڪرڻ وڏي ناانصافي آهي. هن چيو ته اسان ڪيئن ترميم ڏيون جڏهن تعارف اڄ ڪرايو ويو آهي گهٽ ۾ گهٽ اهو اڄ ته پاس نه ڪريو. نصرت سحر عباسي چيو ته اسان کي هي بل ناهي مليو، جيڪو اسان کي ملڻ گهرجي ها. هاڻي اسان هن بل تي پنهنجون ترميمون ڪيئن ڏيون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ته پهريان ئي حڪومت ۾ هلي وئي آهي، هاڻي هي ملي ڀڳت ڪري رهيا آهن. بهتر اهو آهي ته هن بل کي ڪميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان کي ڪنهن ميمبر جي نيت تي شڪ نه آهي پر مان نصرت سحر جي ترميم کي رد ڪريان ٿو، جنهن کان پوءِ ڊپٽِ اسپيڪر نصرت سحر عباسي جي ترميم رد ڪري ڇڏي، ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پراڻي ايڪٽ ۾ هي ذڪر موجود هو ته ڪميشن جون آفيسون ڪٿي هونديون، هن بل ۾ ذڪر نه آهي اهو ڇو؟ شرجيل ميمڻ چيو ته محمد حسين صاحب اوهان اعتراض واپس وٺو. هن معاملي کي بعد ۾ ڏسي حل ڪري ڇڏينداسين. جنهن تي محمد حسين چيو ته اسپيڪر صاحبه مان خاطري تي اعتراض واپس وٺان ٿو، جنهن کان پوءِ ايوان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري جي منجهند تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button